حڪيم صلاح الدين سيوستاني

حڪيم صلاح الدين سيوستاني :حڪيم صلاح الدين سيوستاني'> حڪيم صلاح الدين سيوستاني هڪ حاذق حڪيم ٿي گذريو آهي، جنهن جو جنم سيوهڻ ۾ ٿيو هو. مغلن جي دور ۾ سندس حڪمت جي هاڪ هئي. اڻانگن پنڌن ۽ سفر هوندي به سنڌ جي ڏورانهن علائقن ۾ هلي وڃي مريضن جو علاج ڪندو هو ۽ لاعلاج مريض سندس ڏنل ڦڪين ۽ دوائن مان شفاياب ٿيندا هئا. محمود بن امير واليء بلخ مغلن جي دور ۾ برصغير جي سياحت لاءِ نڪتو ۽ سنڌ جي ڪافي حصن ۾ ويو. هن پنهنجي سفر ۽ سياحت جو احوال قلمي ڪتاب ’بحر الاسرار في مناقب الاخيار‘ ۾ ڏنو آهي، جنهن ۾ لکي ٿو ته: ”نيٺ ڪجھه مدت بعد حالتن ڦيرو کاڌو ۽ طبيعت خراب ٿي پئي ۽ آءُ واري جي تپ (جيڪو هن علائقي ۾ چوٿين ڏينهن تي ٿيندو آهي) ۾ مبتلا ٿي ويس. علاج صحيح نه هجڻ ڪري وري جلندر جو عارضو ٿي پيو. هيءُ مرض اٺ مهينا جاري رهيو ۽ ايترو ته ڪمزور ٿي ويس، جو چري پري به نه پيو سگھان. ان وچ ۾ حاذق حڪيم ۽ طبيب مولانا صلاح الدين سيوهاڻيءَ جو سايو سر تي پيو، جنهن هريڙ جي رس ذريعي ڇهن ڏينهن ۾ هن مرض جو ڪامياب علاج ڪيو ۽ چاق، چڱو، ڀلو ٿيس. هن حاذق حڪيم جي ذات، جنم ۽ تربت جي خبر ڪانه ٿي پوي، غالباً هن بزرگ طبيب جي وفات 1045هه/1636ع ڌاري ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو